چارسدا (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته رياستي ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سنجيده ناهن، اهي پنهنجي ناڪامي جي ذميواري عوام تي نه وجهن.
چارسدا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو سوال اهو اٿي رهيو آهي ته 4 ڏهاڪن کان جاري دهشتگردي تي ضابطو ڇو نه پيو اچي، رياستي ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سنجيده ناهن، رياستي ادارا عوام تي دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ جو الزام هڻي رهيا آهن، عوام سوات کان وٺي وزيرستان تائين ڪجهه ڪلاڪن ۾ علائقا خالي ڪيا، اڄ به اهي ماڻهو پنهنجي ئي ملڪ ۾ مهاجر آهن.
هن چيو ته سيڪيورٽي ادارا هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي علائقا خالي ڪرڻ جو چئي رهيا آهن، رياستي ادارا پنهنجي ناڪامي جي ذميواري عوام تي نه وجهن، ادارا پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي پنهنجو امتحان وٺن، امن امان، شهرين جي جان ۽ مال جي ذميواري رياست جي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري شهرين جي حفاظت ڪرڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته افغانستان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي، اسان افغانستان خلاف اڳ ۾ ڪارروائي ۽ پوءِ ڳالهيون شروع ڪندا آهيون، افغانستان خلاف ڪارروائي سان وڇوٽيون پيدا ٿينديون آهن ۽ ڳالهين جو ماحول ختم ٿي ويندو آهي.
رياستي ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سنجيده ناهن، پنهنجي ناڪامي جي ذميواري عوام تي وجهن: فضل الرحمان
You might also like