اميتاڀ بچن وائرس جهڙو آهي: ڪَرن ڪمار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار ڪَرن ڪمار ڪمار بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن سان گڏ ڪم ڪَرن جو تجربو شيئر ڪندي چيو آهي ته اميتاڀ جي شخصيت ايتري ته متاثر ڪندڙ آهي جو هو هر ڪنهن کي پنهنجي سحر جڪڙي وٺندو آهي.
ڪَرن ڪمار 1992ع ۾ مشهور فلم ” خدا گواهه“ ۾ اميتاڀ بچن سان گڏ ڪم ڪيو هو .
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران ڪَرن ڪمار چيو ته اميتاڀ بچن سان ڪم ڪرڻ جو مطلب آهي ڪنهن وائرس ۾ وڪوڙجڻ جيان آهي.
هن چيو ته هو ( اميتاڀ )ايترو ته هو ايترا جذباتي، پرجوش ۽ زبردست اداڪار آهي، جو سندن توانائي توهان جي رڳن لهي ويندي آهي،هڪ ڀيرو جيڪڏهن توهان کي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ کانپوءِ سندس اثر مان پاڻ آجو ڪرائڻ مشڪل آهي، سندس ساٿي اداڪارن سان ورتاءُ نهايت عزت ۽ محبت ڀريو هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.