اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئون رڪارڊ، انڊيڪس هڪ لک 36 هزارن جي حد به پار ڪري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس هڪ لک 36 هزارن جي نئين حد پار ڪري ويو.
ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن شروعاتي ٽريڊنگ دوران اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 1140 پوائنٽن جي تيزي ڏٺي وئي ۽ 100 انڊيڪس هڪ لک 35 هزار 440 پوائنٽن جي نئين بلند سطح تي پهچي ويو.
انٽرا ڊي ٽريڊنگ دوران اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 1712 پوائنٽن جي تيزي ٿي ۽ 100 انڊيڪس هڪ لک 13 هزار 12 پوائنٽن جي نئين بلند سطح تي پهچي ويو.
پوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2202 پوائنٽن جي وڏي تيزي سان ڪاروبار جي پڄاڻي ٿي ۽ 100 انڊيڪس 136502 جي نئين بلند ترين سطح تي بند ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.