ٻوڏن، سوڪهڙن ۽ سرڪاري سست رفتاري جي ور چڙهيل سنڌ

تحرير: محمد احسان لغاري

 سنڌ صوبو ھٿرادو ۽ موسمي تبديليءَ جي  اثرن جي ڪري، سواءِ چؤماسي جي جوڀن جي پاڻيءَ جي شديد کوٽ جو شڪار آھي. عالمي سطح تي پاڪستان موسمي تبديلي جي ڪري پھرين ڏھن  سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ڳڻيو ٿو وڃي، ملڪ اندر وري ۾ سنڌ کي غير معمولي بار کڻڻو پيو آھي، جنهن ۾ تباھ ڪندڙ ٻوڏون، ڊگھا سوڪھڙا ۽ تيز گرميءَ جون لھرون شامل آھن.

سنڌ گذريل ڏهاڪن ۾ هڪ کان پوءِ ٻي ٻوڏ کي منهن ڏنو آهي. 2010، 2011،2012، 2020 ۽ 2022 جهڙيون ٻوڏن سنڌ جي آبادي، زراعت، معيشت ۽ ماحول تي انتهائي تباهه ڪندڙ اثر ڇڏيا.  قدرتي آفت  سان گڏ ٻوڏن جي شدت جو وڏو سبب انساني غفلت، ڪمزور حڪمراني، ۽ جٽادار رٿابنديءَ جي ناڪامي آهي.  پاڻي ۽ ماحول سان لاڳاپيل مسئلن کي چڱي ريت منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت ٻن اهم پاليسيون سنڌ جي پاڻيءَ واري پاليسي 2023 ۽ سنڌ موسمي تبديلي پاليسي 2022 منظور ڪيون.

انھن پاليسين جي جامع فريم ورڪ جي موجودگيءَ جي باوجود، انهن جي افاديت بيوروڪريٽڪ/ افسرشاھي نظام سبب سخت متاثر ٿئي ٿي جيڪو عوامي خدمت ۽ ترقيءَ جي ڀيٽ ۾ اختيار ۽ آمدنيءَ جي حاصلات کي ترجيح ڏئي ٿو. ھي افسرشاھي، برطانوي نوآبادياتي/ بيٺڪي راڄ جي لڳاتاريت آھي جيڪا معاشرتي ترقيءَ کي وڌائڻ بدران ”قبضي ۽ توسيع پسندي“ ۽ ”سلطنت کي مستحڪم ڪرڻ“ لاءِ ڊزائين ڪيو ويو ھو.

ٻئي پاليسيون پائيدار ترقي ۽ لچڪ پيدا ڪرڻ جي اصولن تي بيٺل آھن. سنڌ موسمي تبديلي جي پاليسي جو مقصد موسمي عمل/ ايڪشن کي سموري ترقياتي منصوبابنديءَ ۾ شامل ڪرڻ آھي، خاص طور تي ڪمزور شعبن لاءِ، جيئن سنڌ کي ”اقتصادي واڌ ۽ ماحول دوست ترقي“ ڏانھن وٺي وڃي سگھجي. سنڌ پاڻي جي پاليسي ”پاڻي جي وسيلن جي جامع ترقي ۽ انتظام“ جي ڳالھه ڪري ٿي. ھي ٻئي موسمي تبديلي کي ”ھڪ مضبوط خطرو“ تسليم ڪن ٿيون ۽ انساني صحت، زراعت ۽ آبي وسيلن جھڙن اھم شعبن ۾ موافقت / ائڊاپٽيشن جي قدمن تي زور ڏين ٿيون. ھڪ اھم نقطو گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي مقصدن (SDGs) سان انهن جي ھم آھنگي آھي، جنهن ۾ پاڻي (SDG 6) ۽ موسمي عمل/ ايڪشن (SDG 13) ترجيحون آھن.

ڏسڻو اھو آهي ته ڇا انهن پاليسين مطابق ڪا تبديلي عملي طور تي ڏسڻ ۾ آئي آهي؟

پاڻيءَ واري پاليسي، جيڪا 2022 جي ٻوڏن کان پوءِ ترتيب ڏني وئي، واضع طور چوي ٿي ته هاڻ ٻوڏن کي روڪڻ لاءِ اڏاوتي، ادارتي، ۽ حڪمراني/ گورننس سطحن تي تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. اها صرف پاڻيءَ جي ورڇ ۽ زرعي مسئلن تائين محدود ناهي، پر ٻوڏن جي وهڪري، بندن جي تحفظ، ڊرينيج سسٽم جي بحالي، ۽ ٻوڏ وارن علائقن جي بچاءُ جي پڻ  ڳالهه ڪري ٿي. پاليسي تجويز ڏئي ٿي ته آبپاشي کاتي ۽ سيڊا کي ملائي  نئون سنڌ واٽر ريسورس مينيجمينٽ  ڊپارٽمينٽ (SWRMD) جوڙيو وڃ.

موسمي تبديلي واري پاليسي، سنڌ کي گرمي جي درجي  ۾ واڌ، سامونڊي سطح جي بلند ٿيڻ ۽ غير متوقع مينهن جهڙن خطرن جي حوالي سان تيار ڪرڻ جي ڳالهه سان  گڏ ٻوڏن کي سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو تسليم ڪري ٿي. ترقياتي منصوبن ۾ ٻوڏ خطري کي شامل ڪرڻ، شهري علائقن ۾ وڻڪار، سرسبز اڏاوتن جا مثال ۽ قاعدا لاڳو ڪرڻ، تمر جي ٻيلن کي وڌائڻ  ۽ ضلعي سطح تي  آفتن جي انتظام ڪاري ( ڊزاسٽر مينيجمينٽ)  جون تياريون ڪرڻ جون  تجويزون ڏئي ٿي. انهيءَ سان گڏ، صحت، تعليم، عورتن جي تحفظ ۽ پاڻيءَ جي صفائيءَ تي به زور ڏنو ويو آهي.

جيڪڏهن ٻنهي پاليسين جي لاڳو ٿيڻ واري صورتحال تي نظر وجهجي، ته اسان کي ان ڏس ۾ اڳڀرائي گھٽ نظر اچي ٿي. SWRMD اڃا قائم نه ٿي سگهيو آهي. ان لاءِ پاڻي جي گڏيل قانون جو پھريون مسودو تيار آھي؛ ان کي لاڳاپيل پرک مان گذاري اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آھي. بئراج مينيجمينٽ يونٽ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آھي، لوئر ڊرينيج جي ريجن پڻ جوڙي وئي آھي؛ اھي خوش آئيند ڪم آھن پر انھن کي ھڪ وسيع پروگرام واري شڪل ڏيڻ لاءِ ھڪ واضح سياسي ۽ ادارتي وِزن جي ضرورت آھي۔

ايل بي او ڊي تي ڪجھه اھم ڪم ٿيا آھن؛ ھاڪڙي جي ويڪر ۽ ڪجھه ٻيا ڪم پڻ ڪرڻ جي ضرورت آھي. آربي او ڊي ٻه  جي بيٺل ڪم لاءِ ھڪ مڪمل سياسي عزم سان فيصلي ڪرڻ جي ضرورت آھي۔ عالمي شھرت جي فرم کان ھاڻوڪي حالتن کي ڏسندي تفصيلي فيزيبلٽي تيار ڪرائي ڪم کي اڳتي وڌائڻ گھرجي۔ شهري علائقن ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ برساتي پاڻي نيڪال جو ڪو به مضبوط نظام موجود ناهي. نالا بند، قدرتي وهڪرا تعميراتي قبضن هيٺ ۽ روڊ رستا پاڻيءَ جي وھڪرن لاءِ رڪاوٽون  بڻجي ويا آهن. پاليسي توڙي قانون جي باوجود، شهري ڊرينيج نظام جي سڌاري لاءِ ڪوبه نئون ماڊل متعارف نه ٿي سگهيو آهي. تيز مينھن جي انتظام ڪاري/ اسٽارم واٽر مينيجمنٽ ھڪ اھڙو شعبو آھي جنھن کي مربوط نموني ڏسڻ جي ضرورت آھي۔

ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان به موسمي تبديلي پاليسي مان نڪرندڙ اڪثر تجويزون اڃا تائين منصوبن جي شڪل اختيار نه ڪري سگهيون آهن. مينگروز/تمر  جي ٻيلن جي بحاليءَ لاءِ نجي ادارا ۽ انٽرنيشنل پارٽنر ڪم ڪري رهيا آهن، ان ۾ ٻيلي کاتي جو ڪم خاص ڪري رياض وڳڻ ۽ سندس ٽيم جس لھڻي۔ ان ڪم کي ڏاھپ واري سياسي پٺڀرائي جي ضرورت آھي؛ نظام ۽ ادارتي گھاڙيٽن کي مضبوط ڪرڻ اڻٽر آھي. اڇڙي ٿر ۾ ڪجھه اھم پيئڻ جي پاڻي جي پراجيڪٽن جي ڪري فرق پيو آھي ۽ اڃان گھڻو ڪجهھ ڪرڻ جي گھرج آھي. پٽ، ڪاڇو، ڪوھستاني علائقا، پاڻي جا جسم ۽ ڍنڍون اڄ به ھڪ مربوط رٿابندي جا متلاشي آھن ، جتي ٻوڏ جو پاڻي محفوظ ڪري استعمال ڪري سگھجي ٿو۔

اهم ڳالهه اها آهي ته ٻئي پاليسيون هڪٻئي کي مضبوط ڪن ٿيون ۽ ھڪ ٻي جو وڌاءُ پڻ آهن. پاڻي واري پاليسي ڊرينيج، نالن ۽ واهن جي مرمت جي ڳالهه ڪري ٿي، ته موسمي تبديلي پاليسي انهن کي ماحولياتي ۽ شهري تناظر ۾ ڏسڻ جي تجويز ڏئي ٿي. پر جڏهن انھن کي عمل ۾ آڻڻ جي ڳالهھ ڪيون ٿا ته لاڳاپيل ادارن وچ ۾ ڪو گڏيل ادارتي گھاڙيٽو  ۽ نه ئي پلان ۽ بجيٽ جي گڏيل نگاھ ۽ ترتيب موجود آهي.

پاليسين مان واضح آهي ته سنڌ وٽ مسئلا سمجهڻ جي صلاحيت آهي، ۽ انهن جا حل به چٽا آهي. پر گهٽتائي سياسي ارادي، ادارتي سڌاري ۽ مستقل نگراني جي آهي. ڪو عملدرآمد وارو يونٽ قائم ناهي، نه ئي ڪا رپورٽ جاري ٿي آهي ته ڪهڙيون تجويزون لاڳو ٿيون ۽ ڪھڙا قدم ڪڏھن کنيا ويندا۔ ھي وقت آهي ته حڪومت انهن پاليسين کي قانوني تحفظ ڏئي، بجيٽ سميت گڏيل گھاڙيٽا جوڙي، ۽ واعدن کي عمل ۾ تبديل ڪري. ٻوڏن، ڇر  ۽ درياھي پيٽ کي ويڪرو ۽ رڪاوٽن ۽ قبضن کان بچاءُ جا قانون پاس ٿين، نالن ۽ پراڻن وھڪرن تان قبضا هٽايا وڃن، LBOD ۽ RBOD جي بحاليءَ لاءِ منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي. ضلعي سطح تي آفتن بابت مربوط تياري  ۽ اڳواٽ خبرداري نظام / ارلي وارننگ سسٽم کي ادارتي سرشتي ۾ آندو وڃي.

پاليسين کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ اھم قدم کڻڻ جي ضرورت آھي

  1. سنڌ حڪومت جو ھڪ ٽاسڪ فورس ٺھيل ھجي جن ۾ اڻ ڌريا پاليسي ماھر ۽ سياستدان شامل ھجن، جيڪو ڏسي ته منظور ٿيل پاليسين تي ڪيئن ۽ ڪھڙو ڪم ٿي رھيو آھي۔ پاليسين کي عمل ۾ آڻڻ کانسواءِ مسئلن جو حل ايڊھاڪ تي اڌوگابرو ئي ھوندو
  2. تعاون ۽ ٽيم ورڪ کي بھتر بڻايو وڃي: وفاقي، صوبائي ۽ مقامي حڪومتي سطحن تي مضبوط تعاون ناگزير آھي. لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ باقاعده ملاقاتون مربوط منصوبن ۽ ھڪ گڏيل عملي منصوبي کي يقيني بنائينديون. سنڌ پاڻي جي پاليسي ان لاءِ ھڪ سنڌ واٽر ريسورسز ڪائونسل (SWRC) ۽ عمل جي نگراني لاءِ ھڪ سنڌ واٽر پاليسي امپليمينٽيشن ڪميٽي پڻ جوڙڻ جي ڳالهھ ڪري ٿي.اھي عمل ۾ اچي چڪيون آھن۔
  3. نئين قانونن تي ڌيان ڏجي: قانون سازي وارو مرحلو بنيادي حيثيت رکي ٿو. سنڌ پاڻي جي پاليسي خاص طور تي سنڌ ۾ پاڻي لاءِ پوري ادارتي ۽ انتظامي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ ھڪ نئين گڏيل پاڻيءَ جي قانون جو گھُر ڪري ٿي، جيڪو سيڊا ۽ آبپاشي جي موجوده قانونن جي جاءِ وٺندو. ان ۾ پاڻي جا معياري، مقداري، گرائونڊ واٽر/ جر ۽ ٻيا اھم پاسا ھوندا جن تي چٽي قانون سازي نه ٿيل آھي. سنڌ موسمي تبديلي جي پاليسي به موسمي تبديلي کي قانوني فريم ورڪ ۾ شامل ڪرڻ ۽ ان کي صوبائي ۽ مختلف شعبن جي پاليسين ۾ ضم ڪرڻ تي زور ڏئي ٿي.
  4. وفاقي، صوبائي ٽيم ورڪ کي بھتر ڪجي: وفاقي موسمي تبديلي واري وزارت سان بھتر تعاون لازمي آھي. گڏيل گروپ ۽ فنڊنگ جا طريقا صوبائي عملن کي قومي مقصدن جي مطابق بنائڻ ۾ مدد ڪري سگھن ٿا۔ اھو سھڪار بھتر ماحول جي بنياد تي ھجي نڪي صوبن مان ارڙھين ترميم جون ڪسرون ڪڍجن! سنڌ پاڻي جي پاليسي بين الصوبائي پاڻيءَ جي معاملن ۾ سنڌ جي مفادن جي تحفظ ۽ 1991 جي پاڻي جي ورڇ جي معاهدي جي عمل کي يقيني بنائڻ لاءِ زور ڏي ٿي،  مٿئين صوبن کان ايندڙ سنڌو درياھ جي آلودگيءَ/ گدلاڻ کي حل ڪرڻ لاءِ بين الصوبائي معاهدن جي ضرورت کي به اجاگر ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.