عالمي شھري تعليم ۽ سنڌ

تحرير: ڊاڪٽرعبدالحفيظ جوڳي

 هر دؤر ۾ تعليمي ماهر انساني تقاضائن کي نظر ۾رکندي پنھنجي قومي تعليمي حاصلات  جو تعين ڪندا رهيا آهن. اڄ جي دؤر ۾ تعليم جي اندر اهڙن نون رجحانن جو تعين ڪرڻ لاءِ ڪيترائي عالمي ادارا ۽ تنظيمون جڙي چڪيون آهن جيڪي جديد تحقيقي بنيادن تي  سماج ۾ رونما ٿيندڙ اهڙن نون لاڙن جي سڃاڻپ ڪرڻ سان گڏ ايندڙ وقت ۾ پيدا ٿيندڙ ضرورتن جي تشخيص ۽ ان جو حل پيش ڪن ٿا. اهڙن ادارن ۾ ڪيترائي عالمي ۽ علائقائي ادارا جھڙوڪ: ”يونيسڪو، يونيسيف، او اِي سي ڊي وغيره شامل آهن. اهي ادارا ڪجهه عرصي کان بين لاقوامي ادارن سان گڏ قومي حڪومتن کي به عالمي  شھري تعليم (Global Citizenship Education) جي مطابق تعليمي نظامن کي بھتر ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن.

   عالمي  شھري تعليم نه رڳو عالمي تعليم ۾ نوان اصول پيدا ڪري رهي آهي پر ان سان گڏ جديد تجزياتي نقطه نگاهه کي  به ترقي وٺرائي رهي آهي. ان سان گڏوگڏ عالمي  شھري تعليم جو ڪيترن ئي ٻين مقصدن مان هڪ اهم مقصد اهو به آهي ته ڪيئن سڀني شھرين کي ان ڳالهه جي سکيا ڏجي ته جيئن اهي عالمي شھري ٿي رهن. جنھن م انهن کي ان ڳالهه جو علم ۽ مھارتون هجن ته ڪيئن انساني حقن ، سماجي انصاف، برداشت، جنسي يڪجھتي ۽ ماحولياتي استحڪام جھڙن خيالن کي سماج ۾ پختو ڪن ۽ پنھنجن حقن، ذميدارين ۽ موقعن جي پاسداري ڪندي بھترين دنيا ڏانھن وڌن.

   عالمي ادارو يونيسڪو  ڪيترائي اهڙا پروگرام ترتيب ڏيڻ سان گڏ شراڪتداريءَ جا معاهدا ڪري چڪو آهي، جنھن ۾ حڪومتون ۽ علائقائي تنظيمون تعليمي پاليسين تي ڪم ڪنديون جنھن سان عالمي  شھري تعليم کي ترقي ملندي. جڏهن ته اقتصادي سھڪار ۽ ترقيءَ جي تنظيم ۽ ايشيائي سماج جي تعليم جي ڪيترن ئي سالن کان عالمي تعليمي قابليتن ۽ ان پيدا ٿيندڙ مسئلن تشخيص تي ڪم ڪرڻ لاءِ پيسا  جھڙي اداري کي قائم ڪيو.

 هي ادارو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ تعليم جي نظام جي چڪاس ڪري ان سان گڏ ان بابت انگ اکر گڏ ڪري جديد دؤر ۾ ڪھڙا ڪھڙا گهڻ ثقافتي  ۽ علائقائي مسئلا ٿي سگھن ٿا. ان عمل جو مقصد ھيءُ آهي ته دنيا ۾ تيزيءَ سان بدلجندڙ حالتون جھڙوڪ: وڌندڙ غربت، هجرت، تجارت، ثقافتي انفراديت ۽ اختلافَ ۽ سڀ کان اهم عالمي منڊيءَ ۾ هنرمند ماڻهن جي موجودگي وغيره ڪجهه عرصي کان ڪيترن ئي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي سربراهن سان گڏ ٻين ڪيترن ٽيڪنيڪل عھدن جي چونڊ رنگ، نسل ۽ قوميت جي متڀيد کي نظر انداز ڪندي محض قابليت جي بنيادن تي عالمي  شھري تعليم جي ضرورتن کي وڌائي ٿي.

ان کان علاوه سياسي ميدان ۾ به ڪيترائي ليڊر جنھن م اڳوڻو امريڪي صدر اوباما، برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ، امريڪي صدارتي اميدوار ڪاملا حارس ۽ ان کان علاوه ڪيترن ئي هندستاني نزاد ڪينيڊين وزيرن جو چونڊجڻ ان جو ثبوت آهي ته دنيا رنگ، نسل ۽ مذھب جي فرق مان نڪري گلوبلائيزيشن ڏانھن  نڪري چڪي آهي. ڪيترين ئي تيزيءَ سان ٿيندڙ ناقابل برداشت معاشي، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ فني تبديلين دنيا ۾ رهندڙ قومن کي هڪ ٻئي تي انحصار ڪندڙ بنايو آهي. اهڙن تبديلين کي منھن ڏئڻ لاءِ اهڙي  افرادي قوت جي ضرورت پوي ٿي جيڪا علائقائي، قومي ۽ عالمي آزمائشن کي منھن ڏيڻ جي مھارتن سان گڏ عالمي شھري زندگي  گذاري سگهجي. ان کان سواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ملازمت جي اهليت، گهڻ ثقافتي سماج ۾ باهمي تعاون سان رهڻ جي اهليت، جديد مواصلاتي  ذريعن سان هم آهنگ ٿي رهڻ جي اهليت سان گڏ اقوام متحده جي پائيدار ترقي جي حدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري.

عملي طرح موجوده  سـنڌ جي تعليمي نظام کي پاڪستان جي تناظر ۾ سمجهڻ کانسواءِ ان لاءِ ڪو  نئون رخ تجويز  ڪرڻ ناممڪن نه  ته مشڪل ضرور آهي .انساني ترقي لاءِ سڀ کان پھرين تقاضا آھي ته ماڻهو خود ترقي لاءِ تيار ھجن.  تعليم جي مدد سان انساني  ترقي جو مقصد ماڻهن جا معاشي، سماجي، شعوري، فقري ۽ سياسي مسئلا ڊگھي عرصي لاءِ حل ڪرڻ آھي. جڏهن  ته سنڌ جا ماڻهو  روٽي ڪپڙا مڪان جي چڪر ۾ اھڙو ڦاٿل آھن جو حقيقي انساني ترقي لاءِ سوچڻ کان اڃان ڪوھين دور آهن. ان ڪري تعليم جي مقصدن جو تعين ڪرڻ وقت انهن  مسئلن کي ضرور لحاظ ۾ رکبو.

موجوده سنڌ جي تعليم مٿي بيان ڪيل ٻنهي مقصدن کان وانجھيل آهي. ماسٽر ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ به اسان جي نوجوانن جو ھڪ وڏو انگ نوڪري جي تلاش ڪري ٿو جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته تعليم کين خود دوزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي نٿي سگھي.  ان صورت ۾ تعليم رجعت پسند نظام کي مضبوط ڪري ٿي، اھو انڪري آهي جو اسان جي تعليم ۾ فـني سکيا ۽ شعوري ترقي جا عنصر ناپيد آهن.  اسان جي موجوده تعليم جو ھڪ ٻيو ناڪاري عنصر آهي  ان جو پورهئي  جي اھميت اجاگر نه ڪرڻ، بلڪ ڪنهن حد  تائين پورهئي کان حقارت پيدا ڪرڻ آھي، اھڙي تعليم جي نتيجي ۾ تعليم يافته نوجوان پورھيو ڪرڻ کان ڪيٻائين بلڪه  شرمائين ٿا.

جيڪڏهن اسان سنجيدگيءَ سان سنڌ ۾ تعليم کي ان جي اعليٰ مقصدن جي حصول لاءِ استعمال ڪرڻ چاھيون ٿا ته اسان کي تعليمي نظام کي  نئين سر تعمير ڪرڻو پوندو. تعليم جي اھڙي  نئين نظام ۾ ان شيءَ جو مڪمل ادراڪ شامل ھجي ته سڀ کان پھريون تعليم ماڻهن کي موجوده وھمن وسوسن مان ڪڍي ۽ انساني ترقي لاءِ ذھني طرح آماده ڪري، اھا نوجوانن ۾ گھربل صلاحيتون پيدا ڪري، اھا نوجوانن کي پنهنجي منفرد سڃاڻپ پيدا ڪرڻ لاءِ اتساھي.اسان کي ھڪ اھڙي تعليمي نظام جي ضرورت آهي جنهن جو انتظامي ڍانچو  بيٺڪيتي نوڪرشاھي کان آزاد ۽ مڪمل طرح جمھوري بنيادن تي ٺھيل ھجي.  اھڙي تعليم جو نصاب علائقـائي سچاين جو ادراڪ رکندڙ هجي، اھو نظام ٻارن کي پنهنجي مادري زبان ۾ جديد علم سکڻ جا اثرائتا موقعا فراھم ڪري، ان تعليمي نظام اندر اسڪول ھڪ با مقصد ادارو ھجي جنهن کي مڪمل سھولتون يعني عمارت، بجلي، صاف پاڻي، ليبارٽريون، لائبريريون، ڪمپيوٽر  ، صحت صفائي جو سامان، ٻارن لاءِ ٽراـسپورٽ ۽ راندن جا ميدان فراھم ڪري ڏنا وڃن.  اھڙي نظام اندر والدين ۽ اسڪول جي وچ ۾،  اسڪول ۽ ملڪ جي ٻين انتظامي ادارن جي وچ ۾ مڪمل باھمي رابطي جو واضح ۽ مربوط نظام موجود ڪيو وڃي، استادن جي تربيت جو ھر اسڪول اندر جوڳو بندوبست موجود ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.