”آرسي“ جو تصور ايندي ئي سوچن جي ڪينواس تي ھڪ اھڙو عڪس جڙُي ٿو، جنھن ۾ ڪو وڌاءُ ڪا گهٽتائي يا ڦير گھير ڪرڻ آرسي سامھون ايندڙ جي وس ۾ نھ ھوندي آھي، حاڪم گل جو ڪتاب آرسي آڏو بھ اھڙو ئي آئينو آھي، جيڪو سماج جي فردن جي ڪردارن، شخصيتن ۽ سماجي روين کي پنھنجي ادبي اک جي آرسي مطابق ھڪ اھڙي آرسي ۾ آڻي بيھاري ٿو، جيڪا تعريف ۽ تنقيد جا مختلف رخ چٽا ڏيکاري ٿي.
ھي خاڪن جو ڪتاب سچ ۾ ھڪ اھڙي آرسي آھي جنھن ۾ پاڻ کي ڏسي ڪيترائي دوست ليکڪ کان ناراض پڻ ٿيا ھوندا، پر ليکڪ جي سوچ ۽ خيال جو سفر انداز ۽ مشاھدو پنھنجي خيالن پٽاندڙ ھجي ٿو. دنيا جي مختلف سماجن اندر يونان جا ماڻھو ٻين ڪافي سماجن ۽ خطن کان وڌيڪ تخليقي رھيا آھن، خاڪي جي تخليق جون پاڙون بھ قديم يونان ۾ موجود ملن ٿيون، خاڪي لکڻ جي شروعات چوٿين صدي قبل مسيح ۾ قديم يونان ۾ ٿي يوناني فلسفي ۽ ڏاھي ٿيوفراسٽس پنھنجي دور جي مختلف 30 شخصيتن جي ڪردارن تي خاڪا لکيا،نثر جي ھن صنف 17 صدي عيسوي کان انگلينڊ ۾ اھميت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي جوزف ايڊيسن ۽ رچرڊ اسٽيلي جھڙن ليکڪن خيالي ڪردار ٺاھي سماجي ڪرادرن جي عڪاسي ڪئي، ان کانپوءِ خاڪن لکڻ جو فن انگريزن کان ٿيندو سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو.
اسان وٽ خاڪي لکڻ جو سفر ۽ اثر انگريزن کان اردو جي ليکڪن پطرس بخاري، ابن انشاءَ، مشتاق احمد يوسفي ۽ ٻين وٽ پھتو اتان وري سنڌي ۾ محمد ابرھيم جويو، راشد مورائي، تاج بلوچ ۽ نور محمد جھانجھي سميت ٻيا ليکڪ خاڪن واري نثري صنف کي کڻي آيا. ڪتاب آرسي آڏو جي ليکڪ بھ خاڪن جي موجد يوناني ليکڪ ٿيوفراسٽس وانگر شروعات ڪئي آھي ھن شڪارپور جون 30 مختلف شخصيتون چونڊي انھن جي شخصيتن توڙي سماجي ڪردارن تي مختصر نموني خاڪا لکيا آھن، بيدل مسرور پاران لکيل ھن ڪتاب جو مھاڳ بھ ڪمال آھي، جنھن کي الفت جا اسير عنوان ڏنو ويو آھي، جنھن ۾ خاڪن جي تشريح ۽ اھميت تي بھتر نموني روشني وڌي وئي آھي مھاڳ اھڙي آرسي آھي جنھن ۾ ڪتاب ۾ موجود سڀني شخصيتن جي ڪردارن جا خاڪا ذھن تي اسڪيچ ٺاھين ٿا، مھاڳ ھن مڪمل ڪتاب جو مختصر اولڙو آھي جنھن جا شعاع پڙھندڙن جي دلين تي بھ اڪريل رھندا، ڪتاب جي شروعات ۾ اداري پاران اسير امتياز جي لفظن ۾ ڪتاب ۾ موجود شخصيتون خوشنصيب آھن جن جي ادبي قد ڪاٺ کي حاڪم جي قلم ڇھيو آھي، اھا ڪنھن حد تائين حقيقت بھ آھي حاڪم گل ھڪ اھڙو نوجوان ليکڪ آھي جيڪو ڪچھرين ۾ ھونئن بھ منھن تي ادب ۽ احترام سان ڦھڪو ڪرائيندڙ ماڻھو آھي ۽ خاڪا لکڻ ۾ تھ ھن ڪمال ڪيو آھي حاڪم مطابق ھن ڪتاب آرسي آڏو ۾ ٽيھن ئي شخصيتن جي ذاتي تعلق ۽ واسطيداري، ادبي تعلق ۽ ادبي ڪم، سياسي وابستگي ۽ سياسي ڪم، سماجي وابستگي ۽ سماجي ڪم سميت ھنن جي مختلف پاسن تي لکيو آھي، حقيقت کي ڏسجي تھ خاڪي جو روح اھو ناھي تھ ڪنھن ماڻھو جي باري ۾ خيالي راءِ پيدا ڪري ھن جي شخصيت ۽ ڪرادر کي تورجي ھن مٿان تعريفي يا تنقيدي ٺڪاءَ ھڻجن،ايئن بھ نھ ھئڻ گھرجي تھ خاڪي جو سھارو وٺي ڪنھن شخصيت کان ادبي پلاند ڪجي يا بس رڳو گلا ڪجي، خاڪو تھ ھڪ اھڙو عڪس آھي جنھن ۾ سڀ رنگ ھجن ٿا ۽ ھر رنگ جي پنھنجي اھميت ھجي ٿي حاڪم گل انھن سڀني ڳالھين جي گھرائي ۾ وڃي خاڪن ۽ شڪارپور جي شخصيتن سان خوب نڀايو آھي.
جيڪڏھن غور ڪجي تھ خاڪي جي صنف سان ھن جو نڀاءَ ڪتاب پڙھڻ دوران دلچسپي جو تسلسل نھ ٽٽڻ ھن ڪتاب کي منفرد ۽ پڙھڻ لائق بڻائي ٿو، حاڪم لکي ٿو تھ ٿڌي مَٽَ جھڙو – گوھر سنڌي ڪمال جي تشبيھه آھي گوھر سنڌي لاءِچوي ٿو تھ ٺريل ھوندو تھ ٿڌي مَٽ جھڙو ھوندو، ڪاوڙيو تھ قھر خدائي يارنھن ماڻھن جي قافلي سان بھ مس وڃي پرچندو“ ٻن سٽن ۾ ھن شخصيت جي مزاج کي واضع ڪري ڇڏيو، اھڙي نموني حاڪم گل ڪتاب آرسي آڏو جي صفحي نمبر 41 تي آدرش لاءِ لکي ٿو تھ ھو شڪارپور جو ٻيو گامون آھي آدرش چرچن ۽ ٽوٽڪن واريون پوسٽون سوشل ميڊيا تي جام رکي ٿو، ھن جا ٽوٽڪا سبق آموز ۽ مقصد رکندڙ ھجن ٿا،آدرش جي ادبي پاسي تي حاڪم گل لکي ٿو تھ آدرش وقت سان گڏ لکڻ گھٽائي ڇڏيو آھي آدرش جي سڃاڻپ ھڪ بھترين ترجمي نگارطور پڻ رھي آھي آدرش سٺو پڙھندڙ بھ رھيو آھي، پر حاڪم آدرش جي سماجي روين تي تنقيد پڻ ڪئي آھي جيئن آدرش وٽ ڪنھن لاءِ معافي ناھي تيئن حاڪم گل بھ ڇڪي رکيو آھي.
اھڙي طرح ھن ڪتاب ۾ شامل ھر ھڪ شخصيت جي ساراھ لاءِ لاجواب تشبيھون ۽ دلچسپ لفظن جو لڙھيون پويل نظر اچن ٿيون، جنھن مان صاف ظاھر آھي تھ ليکڪ جو مطالعو ۽ کيس شخصيتن کي پرکڻ لاءِ ھن جي مشاھدي واري اک بھ آرسي وارو ڪم ڪيو آھي،ڪتاب آرسي آڏو جي ليکڪ حاڪم گل وٽ شڪارپور جي شخصيتن جي سوچن ۽ عملن جا ڄڻ تھ اسڪيچ ٺھيل آھن.