اداڪارا ۽ ماڊل حميرا اصغر پاران پنهنجي ويجهي دوست در شهوار کي موڪليل آخري آڊيو پيغام منظرِ عام تي اچي ويو آهي.
در شهوار، هڪ نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌايو ته اهو وائيس نوٽ کيس سيپٽمبر 2024ع ۾ حميرا اصغر طرفان موڪليو ويو هو، جنهن ۾ مرحوما پنهنجي دوست کان دعا جي گذارش ڪئي.
آڊيو پيغام ۾ حميرا چئي رهي آهي:
"معاف ڪجان، مان مصروف هيس ان ڪري تنهنجي فون نه کڻي سگهيس، مان ڏاڍي خوش آهيان ته تون مڪي ۾ آهين۔”
ان سان گڏ هن چيو:
"پنهنجي ڪيُوٽ دوست لاءِ دل سان گهڻيون دعائون گُهرجان، خاص طور تي منهنجي ڪيريئر لاءِ، مون کي پنهنجي دعائن ۾ ضرور ياد رکجان۔”
ياد رهي ته حميرا اصغر جو لاش 8 جولاءِ تي ڪراچي جي اتحاد ڪمرشل واري فليٽ مان مليو هو، جتي هوءَ گذريل ستن سالن کان اڪيلي رهندي هئي. فليٽ جو ڪرايو نه ڏيڻ تي مالڪ عدالت ۾ ويو هو، جنهن بعد بيليف فليٽ تي پهتو، پر در نه کولڻ تي در ٽوڙي اندر داخل ٿيو ته اداڪارا جو لاش فرش تي پيل هو.
پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ مطابق لاش مڪمل طور تي ڊي-ڪمپوز ٿي چڪو هو ۽ اندازو آهي ته موت کي لڳ ڀڳ 8 مهينا ٿي چڪا هئا.