ماسڪو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ روس پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ ان کي جديد دور جي گهرجن پٽاندڙ بڻائڻ لاءِ پروٽوڪول تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
هي معاهدو ماسڪو ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ طئي ٿيو، جتي پاڪستان طرفان صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي سيڪريٽري سيف انجم ۽ روس طرفان انڊسٽريل انجنيئرنگ ايل ايل سي جي جنرل ڊائريڪٽر واديم ويليچڪو صحيحون ڪيون.
ان موقعي تي وزيراعظم جو خاص مددگار هارون اختر خان ۽ روس ۾ پاڪستان جو سفير محمد خالد جمالِي پڻ موجود هئا.
ان موقعي تي هارون اختر چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي وزيراعظم جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ هي معاهدو پاڪستان اسٽيل ملز جي ترقي ۽ صنعتي مستقبل لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي.
You might also like