نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گهرو وزارت پنجاب جي وڏي وزير ڀگونت من طرفان وزيراعظم نريندر مودي بابتڏنل بيان کي ”غير ذميواراڻو ۽ افسوسناڪ“ قرار ڏئي ڇڏيو.
ڀگونت من پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم مودي جي پرڏيهي دورن تي تنقيد ڪندي چيو هو ته ”وٽس ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪرڻ جو وقت ته آهي، پر هو 1 ارب 40 ڪروڙ ڀارتي عوام جا خدشا ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.“
واضح رهي ته وزيراعظم مودي تازو ئي گهانا، ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو، ارجنٽينا، برازيل ۽ نمبيبيا جي دوري تان واپس وريو آهي.
ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) ڀگونت من جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ”ڀگونت من وڏو وزير هئڻ باوجود اڃا به مسخرن وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
بي جي پي ڀگونت من کان استعيفيٰ جو مطالبو به ڪيو آهي.
گهرو وزارت ۽ بي جي پي جي ردعمل کانپوءِ ڀگونت من اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته ”ڇا مون کي وزيراعظم کان سندس پرڏيهي پاليسي بابت پڇڻ جو حق ناهي؟ هو ڪهڙن ملڪن جا دورا ڪري ٿو ۽ ڇا اهي ملڪ پوءِ اسان جي مدد ڪري سگهن ٿا ؟ “
سندس چوڻ هو ته ” جڏهن پاڪستان سان لاڳاپا خراب ٿيا ته ڇا ڪنهن هڪ ملڪ به توهان جي مدد ڪئي؟ ته پوءِ توهان سڄي دنيا جا چڪر جوڪاٽي رهيا آهيو. “
ياد رهي ته ان کان اڳ مخالف ڌر پارٽي ڪانگريس به ڀارتي وزيراعظم جي پرڏيهي دوران تي سوال اُٿاريا آهن.
” جڏهن پاڪستان سان لاڳاپا خراب ٿيا ته ڪنهن هڪ ملڪ به مدد ڪئي؟“ ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير جي موديءَ تي تنقيد
Next Post
You might also like