سنڌبلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا اڳوڻا سربراهه آجا ڇو؟

ڪراچي(آفتاب چنا)سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيس تي ڇاپي ۾ 6 ويگو ڊالن 15 پوليس موبائلن حصو ورتو،10 آفيسرن کي  کنڀيو ويو آهي،ڏکڻ ضلعي ۾ مقرر ٿيل کنڀيل آفيسرن بابت چيو پيو وڃي ته انهن کي ٻه ٽي ڏينهن اڳ مختلف ادارن مان فون ڪري چيو ويو ته توهان اڄوڪي ڏينهن تي اچي لياري واقعي تي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايو، سندن بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ مڪاني کاتي جي اسپيشل عورت سيڪريٽري آيل هئي،کنڀيلن ۾ ڊائريڪٽر ڊيزائن عرفان نقوي،ڊائريڪٽر جليل صديقي،ڊائريڪٽر اشفاق کوکر،رٽائرڊ ڊائريڪٽر آصف رضوي، ڊپٽي ڊائريڪٽر عاصم خان،ڊپٽي ڊائريڪٽر ذوالفقار شاهه،مينٽيننس سائيڊ جو افضل شامل آهن چيو پيو وڃي ته گرفتار ڪيل آفيسر هفتي ڏهن ڏينهن ۾ پنهنجي ضمانت ڪرائي وٺندا هتي اهو سوال به اٿي رهيو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي معطل سربراهه ۽ ان کان اڳ جيڪي سربراهه مقرر ڪيا ويا آهن جن تي ڪرپشن جا الزام به لڳندا رهيا آهن انهن جو ته نالو ئي نٿو ورتو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.