ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون قذافي چوڪ ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، جيڪو پيءُ جي لاڏاڻي کانپوءِ تدفين لاءِ سعودي عرب مان آيو هو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اورنگي ٽائون ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ جبران جي نالي سان ٿي آهي، موٽر سائيڪل سوار ٻن جوابدارن جبران کان ڦرلٽ ڪئي ۽ مزاحمت تي کيس گوليون هڻي ڇڏيون.
مقتول جي وارثن موجب هو سعودي عرب ۾ ملازمت ڪندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پنهنجي والد جي لاڏاڻي جي خبر ملڻ تي تدفين جي سلسلي ۾ ڪراچي آيو هو.
You might also like