اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اپوزيشن ليڊر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جي نااهلي بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ورتي.
اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جي نااهلي ۽ گوشوارن ۾ تضاد جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن عمر ايوب خلاف ٻن ڪيسن جي 15 جولاءِ تي ٻڌڻي مقرر ڪري ورتي.
عمر ايوب خلاف ن ليگ جي بابر نواز درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته عمر ايوب تي اثاثن ۾ غلط بياني جو الزام آهي.
شهري جي درخواست تي عمر ايوب خلاف قومي اسيمبلي اسپيڪر ريفرنس اليڪشن ڪميشن موڪليو هو.
You might also like