پشين (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي پشين سان واسطو رکندڙ پيرسن شخص ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري تاريخ لکي ڇڏي.
55 ورهين جي فيض الحق ثابت ڪري ڇڏيو ته تعليم لاءِ عمر جو ڪو قيد ناهي، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول نوآباد ۾ پٽيوالي جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏيندڙ فيض الحق ميٽرڪ جي امتحان ۾ 600 نمبر کڻي سيڪنڊ ڊويزن ۾ ڪاميابي ماڻي.
ان نتيجي جو اعلان گذريل ڏينهن ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اسڪول جي استادن ۽ ٻئي عملي فيض الحق کي ڪاميابي تي گلن جا هار پارايا ۽ خوب داد ڏنو.
ان موقعي تي فيض الحق چيو ته ننڍپڻ کان گهر جي ذميوارين پڙهائي کان پري رکيو پر دل ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش ڪڏهن ختم نه ٿي.
گهر جي ذميوارين سبب اسڪول کان پري رهندڙ شخص نيٺ 55 ورهين ۾ ڄمار ۾ ميٽرڪ پاس ڪري ورتي
You might also like