”جيڪڏهن 9 مئي جو پلان ڪامياب ٿي وڃي ها ته اڄ اسان مان ڪير به جيئرو نه هجي ها“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا 9 مئي جي حقيقت کي هلڪو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪڏهن 9 مئي جو پلان ڪامياب ٿي وڃي ها ته اڄ اسان مان ڪير به جيئرو نه هجي ها.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جيڪڏهن توهان ڪنهن جي گهر وڃي حملو ڪيو ته پوءِ ڇا ٿيندو آهي؟ پوءِ رتوڇاڻ ٿيندي آهي، باهه لڳندي آهي، جيئن انهن جناح هائوس تي ڪيو، جيڪڏهن اتي ماڻهو هجن ها ته ڇا ٿيڻو هو، سڀ ڪجهه پلان ڪيل هو ۽ اهو سڀ اسڪرپٽ جو حصو هو.
سندس چوڻ هو ته انهن گهرن تي حملا ڪيا، منهنجي گهر ڀرسان جي او سي جا گهر آهن، پي ٽي آءِ وارا پاڻ ٻڌائين ٿا ته ٽنهي جاين تي حملا ڪرڻا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.