دي هيگ (ويب ڊيسڪ) عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) جي ججن طالبان جي امير هيبت الله اخوندزاده ۽ چيف جسٽس عبدالحڪيم حقاني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
عالمي فوجداري عدالت انهن طالبان اڳواڻن تي عورتن خلاف امتيازي ورتاءَ ۽ کين بنيادي حقن کان محروم رکڻ جي الزام تي وارنٽ جاري ڪيا.
عالمي عدالت جي ججن طالبان اڳواڻن تي لاڳو انهن سنگين الزامن کي انسانيت خلاف ڏوهه قرار ڏنو.
عدالت فيصلي ۾ چيو ته توڙي جو طالبان تقريبن سڀني تي ڪي نه ڪي پابنديون لاڳو ڪيون آهن پر خاص طور عورتن ۽ ڇوڪرين کي جنس جي بنياد تي بنيادي حقن ۽ آزادين کان محروم ڪيو آهي.
عالمي عدالت موجب طالبان اڳواڻن اهي ڏوهه 15 آگسٽ 2021 کان 20 جون 2025 تائين مسلسل جاري رکيا.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ان عرصي دوران عورتن کي تعليم، ذاتي زندگي، خاندان، چُرپر، اظهار جي آزادي، سوچ، مذهب ۽ ضمير جي آزادين کان محروم ڪيو ويو.
Next Post
You might also like