پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن جي ورهاست بابت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي 2024 ۾ جاري ڪيل پڌرائي کي معطل ڪري ڇڏيو.
اهو فيصلو ن ليگ طرفان مخصوص سيٽن جي ورهاست خلاف داخل درخواست تي ٻڌايو ويو، جيڪو عدالت محفوظ ڪيو هو.
عدالت طرفان ٻن صفحن تي جاري ڪيل فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن جون عورتون ۽ اقليتن بابت ٻئي پڌرائيون ڪالعدم قرار ڏنيون ويون.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن اقليتن ۽ عورتن جي مخصوص سيٽن جي نئين ايلوڪيشن ڪري ۽ ان عمل کان اڳ سڀني اميدوارن ۽ سياسي جماعتن کي ٻڌو وڃي، ان عمل لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 10 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي.
عدالت وڌيڪ هدايت ڪئي آهي ته جڏهن اليڪشن ڪميشن نئون فيصلو نٿي ڪري، مخصوص سيٽن تي ڪنهن به ميمبر کان حلف نه ورتو وڃي.
پشاور هاءِ ڪورٽ واضح ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ن ليگ، پ پ، جي يو آءِ، اي اين پي ۽ پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينز کي ٻڌي سيٽن جي نئين سر ورهاست ڪري.
واضح رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سيد ارشد علي ۽ جسٽس ڊاڪٽر خورشيد اقبال تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو.
Prev Post
You might also like