ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ آف گورنرز مونس علوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) طور ٻيهر مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪي اليڪٽرڪ جي پڌرائيءَ موجب سي اي او جي مقرري جو فيصلو 7 جولاءِ تي ڪي اليڪٽرڪ بورڊ اجلاس ۾ ڪيو ويو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته مونس علوي جي چيف ايگزيڪيوٽو طور ٻيهر مقرري 30 جولاءِ 2025 کان لاڳو هوندي.
پڌرائيءَ موجب مونس علوي کي 2018 ۾ پهريون ڀيرو چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدي تي ترقي ڏني وئي هئي، هن 2008 ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۾ ملازمت اختيار ڪئي هئي.
Next Post
You might also like