ايف بي آر ۽ آءِ بي جون ٽيڪس چوري ۽ ذخيري اندوزي خلاف ڪارروائيون، 178 اربن جي ريڪوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف کي ايف بي آر ۽ انٽيليجنس بيورو پاران ٽيڪس چوري ۽ ذخيري اندوزي خلاف آپريشنز بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن موجب انٽيليجنس بيورو ۽ ايف بي آر جي گڏيل ڪوششن سان 178 ارب رپين جي ريڪوري ممڪن ٿي.
وزيراعظم کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن قدمن جي نتيجي ۾ ڪمپنين جي انضمام ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن شعبي ۾ رهتن جي مد ۾ ٽيڪس آمدني ۾ 69 ارب رپين جو واڌارو ٿيو.
انٽيليجنس بيورو طرفان کنڊ، جانورن جي خوراڪ، شربتن، کاڄرو تيل، تماڪ ۽ سيمينٽ جي شعبي ۾ 515 ڇاپا هنيا ويا، جن ڪارروائين جي نتيجي ۾ ٽيڪس چوري جي ڪوششن کي ناڪام بڻائيندي 10.5 ارب رپين جو اضافي ٽيڪس وصول ڪيو ويو.
انٽيليجنس بيورو ذخيرهياندوزي ۽ شين جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائيندي کنڊ، ڀاڻ ۽ ڪڻڪ جي شعبي ۾ 13 هزار کان وڌيڪ آپريشن ڪيا ۽ اپريل 2022ع کان هيل تائين 99 ارب رپين کان وڌيڪ جون غير قانوني طور ذخيرو ڪيل شيون قبضي ۾ ورتيون.
وزيراعظم شهباز شريف ايف بي آر ۽ انٽيليجنس بيورو جي ٽيڪس وصوليءَ لاءِ قدمن جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي ٽيڪس آمدني ۾ واڌ لاءِ سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته پاڪستان جو معاشي استحڪام گڏيل ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، ملڪ جي معاشي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ به سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.