اسلام آباد(م ڊ) عوام تي ٽيڪسن جو بار وجھڻ واري حڪومت اشرافيه لاءِ رعايتن جي برسات ڪري ڇڏي آهي، جتي امپورٽ ٿيل اسپورٽس ۽ لگزري گاڏين، گهڙين، پرفيوم، لگزري باٿ روم فٽنگز،لگزري شپس، ڪروز ۽ ٻين لگزري شين تي 50 سيڪڙو تائين ٽيڪس گهٽايو ويو آهي، جنهن سان لڳي ٿو ته عام ماڻهن تي ٽيڪسن جو بار وڌائڻ سان گڏ امير طبقي کي رعايتون ڏنيون پيون وڃن، حڪومت جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اشرافيه لاءِ امپورٽ ٿيل جيپن تي ڊيوٽي 15 سيڪڙو کان گهٽائي 10 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، نئين امپورٽ ٿيل اسپورٽس گاڏين تي به ڊيوٽي 15 سيڪڙو مان گهٽائي 10 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، امپورٽ ٿيل نئين اسپورٽس جيپن تي ڊيوٽي 90 سيڪڙو مان گهٽائي 50 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، شيپس، ڪروز ۽ بوٽس تي ڊيوٽي رڳو 5 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي، امپورٽ ٿيل برانڊڊ سن گلاسز ۽ امپورٽ ٿيل برانڊڊ گهڙين تي ڊيوٽي 30 سيڪڙو مان گهٽائي 24 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي.
، هي پاليسي عوام تي وڌايل ٽيڪسن جي مقابلي ۾ اشرافيه لاءِ رعايتن جو واضح تضاد ظاهر ڪري ٿي، جنهن تي تنقيد به وڌڻ جو امڪان آهي