اسلام آباد/لاهور (عمران شفقت) عارف ملڪ ڪالهه خبر ۾ اشارو ڏنو هو ته نواز شريف عمران خان سان ملي سگهي ٿو. عليما خان اهڙي خبر جي جواب ۾ چيو آهي ته نواز شريف سان عمران خان جي ڪا ملاقات نه ٿيندي، نواز شريف جا گهرڀاتي به سندس ڪاڻ ناهن ڪڍندا. ان کان اڳ مائنس عمران خان جي ڳالهه عليما خان ئي چئي هئي. شايد هو عمران خان جو ڀلو ٿيڻ نٿي چاهي، عمران خان جي بچت ان ۾ ئي آهي ته هو هوڏ ڇڏي ۽ پارليامينٽ ۾ڪو ڪردار ڳولي. عليما خان چيو ته ٽرمپ آرمي چيف سان ملي سگهي ٿو ته عمران خان ڇو نٿو ملي سگهي ڇو ته طاقت ته فيلڊ مارشل عاصم منير وٽ آهي. هاڻي جيڪڏهن نواز شريف جو ٺاهه ڏانهن وڌڻ جو ڪو امڪان هيو ته اهو ختم ٿي چڪو آهي، عليما خان ان تي پاڻي هاري ڇڏيو آهي.
. ان کان اڳ نواز شريف چيو هو ته ڳالهيون رڳو سياستدانن سان ٿينديون آهن، 9 مئي واقعن جي گروهن سان ڪي ڳالهيون نه ٿينديون ۽ هاڻي ڳالهين واري خبر کانپوءِ کوڙ ماڻهو مٿس ڪاوڙيل به نظر اچن ٿا.