ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ واضح ڪيو آهي ته حڪومت سڄي ڪراچي شهر ۾ رڪشن تي پابندي ناهي لڳائي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته اسان سڄي شهر ۾ رڪشن تي پابندي ناهي لڳائي، رڳو 11 وڏن روڊن تي رڪشا هلائڻ تي پابندي لڳائي آهي.
هن چنگچي رڪشا ايسوسيئيشن طرفان پابندي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جي عمل کي غلط قرار ڏيندي چيو ته اسان ڪنهن قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي ۽ اسان جو موقف واضح آهي ته انتظامي معاملا سنڌ حڪومت جو اختيار آهي.
You might also like