ڪراچي ۾ سڀاڻي کان آچر تائين ڪهڙا رستا بند هوندا؟ شهرين لاءِ ٽريفڪ پلان جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ٽريفڪ پوليس محرم الحرام ۾ جلوسن کي ڏسندي ٽريفڪ پلان جاري ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ 8، 9 ۽ 10 محرم الحرام جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان برآمد ٿيندو ۽ مقرر رستن کان ٿيندو حسينيه ايرانيان امام بارگاهه ۾ پڄاڻي تي پهچندو.
ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي ايم اي جناح روڊ گرو مندر کان ٽاور تائين بند رهندو.
ٽريفڪ پلان تحت ناظم آباد کان ايندڙ لسٻيلي کان نشتر روڊ ڏانهن گارڊن کان پنهنجي منزل ڏانهن وڃي سگهن ٿا، جڏهن ته لياقت آباد کان ايندڙ تين هٽي کان ساڄي پاسي لسٻيلي ۽ مارٽن روڊ ڏانهن وڃي سگهن ٿا.
حسن انڪوائر کان پي پي چورنگي ويندڙ جيل فلاءِ اوور جي هيٺان ڪشمير روڊ ۽ حسن اسڪوائر کان پي پي چورنگي ويندڙ جيل فلاءِ اوور کان تين هٽي ۽ نشتر روڊ وڃي سگهن ٿا.
شاهراهه قائدين کان نمائش ويندڙ سوسائٽي لائٽ سگنل کان ڪشمير روڊ ڏانهن ۽ جمشيد روڊ کان ايم اي جناح ويندڙ گرو مندر کان سولجر بازار وٽان پنهنجي منزل ڏانهن وڃي سگهن ٿا.
گارڊن کان ايم اي جناح ويندڙ انڪل سريا کان ساڄي پاسي گل پلازا وڃي سگهن ٿا، گارڊن کان ايم اي جناح روڊ ويندڙ ڪوسٽ گارڊ هولي فيملي اسپتال کان پنهنجي منزل ڏانهن وڃي سگهن ٿا.
سپر هاءِ وي کان ايندڙ هيوي ٽريفڪ کي لياقت آباد 10 نمبر کان ناظم آباد موڙيو ويندو، جڏهن ته ٽريفڪ کي گرو مندر چوڪ کان اڳتي جلوس جي روٽ تي وڃڻ جي اجازت نه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.