لاهور (م ڊ) پنجاب جي صحت واري وزير خواجه سلمان رفيق چيو آهي ته جناح انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي جو نالو تبديل ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي هئي، پارٽي جي سينيئر اڳواڻن ۽ وزيرن به اها راءِ ڏني ته ان جو نالو مريم نواز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز رکيو وڃي، پر مريم نواز اها تجويز رد ڪري ڇڏي، هن چيو ته جناح اسپتال جي چيئرمين بورڊ آف مئنيجمينٽ، اسپتال جو نالو مريم نواز جي نالي سان رکڻ جي درخواست ڪئي هئي. پارٽي جي سينيئر اڳواڻن ۽ وزيرن به ان تجويز جي حمايت ڪئي پر مريم نواز مخالفت ڪئي، مريم نواز پاڻ به واضح ڪيو ته باباءِ قوم جو نالو تبديل نه ٿيندو، هن وڌيڪ چيو ته لاهور ۾ نواز شريف ميڊيڪل ڊسٽرڪٽ قائم ڪرڻ جي تياري آهي، جنهن ۾ ڪارڊيڪ اسپتال سميت ٻين ادارن جا نالا نواز شريف سان منسوب ڪري سگهجن ٿا.