ٽرمپ-نيتن ياهو ملاقات طئي، خطي جا چئلينج ايجنڊا هوندا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي ملاقات ايندڙ هفتي طئي آهي، جنهن دوران ايران، غزا، شام ۽ خطي جي ٻين چئلينجن تي ڳالهيون ٿيڻ جو امڪان آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليوٽ موجب، اسرائيلي وزيراعظم جا سينيئر صلاحڪار اڳ ئي آمريڪي اختيارين سان ملاقاتون ڪري رهيا آهن. واشنگٽن ۾ اسرائيلي آفيسر تصديق ڪئي آهي ته ملاقات ايندڙ سومر تي طئي ٿيل آهي، جيڪا اهڙي وقت ٿي رهي آهي جڏهن ٽرمپ غزا معاهدي ۽ يرغمالين جي واپسي بابت به مسلسل ڳالهائي رهيو آهي. ياد رهي ته ٽرمپ سوشل پوسٽ ۾ چيو هو ته نيتن ياهو هن وقت حماس سان معاهدي بابت ڳالهين ۾ مصروف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.