ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي مري مال روڊ جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ مبينا طور نشي ۾ ڌت هڪ عورت کي پوليس سان بدتميزي ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو رڪارڊ ڪندڙ شخص جو چوڻ آهي ته عورت شراب پي مال روڊ تي آئي آهي ۽ ٽريفڪ پوليس اهلڪار کيس مال روڊ وڃڻ کان روڪي رهيو آهي، جنهن سان هوءَ بدتميزي ڪري رهي آهي، توڙي جو مري مال روڊ تي هر قسم جي ٽريفڪ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهلڪار عورت کي گاڏي پاسي تي بيهارڻ جو چئي ٿو.
سوشل ميڊيا تي اها وڊيو وائرل ٿي ته واهپيدار عورت تي ڪاوڙجي پيا، هڪ واهپيدار لکيو ته پوليس سٺو ورتاءُ ڪيو، ٻئي لکيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي نشي ۾ ڌت عورت کي وڃڻ ڇو ڏنو ويو.
هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته پوليس هڪ بااثر سامهون بي وس آهي، جيڪڏهن اتي ڪو غريب هجي ها ته پوليس ان کي روڊن تي گِهلي ها.
You might also like