شاداب خان جي مداحن لاءِ بُري خبر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر شاداب خان ڪُلهي جي انجريءَ جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن سبب سبدس ڪرڪيٽ سرگرمين تي اثر پئجي سگهي ٿو.
ذريعن موجب، ڊاڪٽرن شاداب خان کي ڪُلهي جي تڪليف سبب سرجري ڪرائڻ جي صلاح ڏني آهي ۽ امڪان آهي ته انگلينڊ ۾ سندس ڪلهي جي آپريشن ڪيو ويندو.
سرجري کانپوءِ شاداب خان اٽڪل ٽي مهينا ميدان کان پري رهندو، جنهن سبب هو بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز خلاف ايندڙ سيريز به نه کيڏي سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.