سنڌ سرڪار جو 4400 نوان استاد ڀرتي ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي جي تعليمي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ 4400 نون استادن جي ڀرتي جو اعلان ڪيو آهي.
هڪ بيان سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽن مهينن اندر چار نوان آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج قائم ڪيا ويندا، جڏهن ته صوبي جي 34 هزار اسڪولن کي مالي خودمختياري ڏيڻ جو عمل پڻ شروع ڪيو ويندو.
هن چيو ته ڪراچي لاءِ خصوصي پئڪيج تحت روڊ رستن، پاڻي، نيڪال (سيوريج) ۽ ماس ٽرانزٽ سسٽم تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو.
صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عوام سان ڪيل واعدا هر صورت ۾ پاڙيندي، تعليم، انفرا اسٽرڪچر ۽ شهري سهولتن ۾ بهتري حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.