ڪشمور ۾ امن لاءِ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ اڳواڻ مايوسي جو شڪار

ڪشمور (عوامي آواز نيوز) ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي جي امن لاءِ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ اڳواڻ والي ڏنو سنڌي چيو آهي ته چونڊيل نمائندن کي ڌاڙيل کٽائين ٿا، ان ڪري اهي ڪڏهن به امن نٿا چاهين. سندس چوڻ هو ته احتجاج کانپوءِ کين آپريشن جو لالي پاپ ڏئي واپس اماڻيو ويو، پر ساڳيون ڦرون، اغوا ۽ ڏوهن جا سلسلا بدستور جاري آهن. والي ڏنو سنڌي وڌيڪ چيو ته جيڪو پوليس وارو ڏوهاري ماري ٿو، ان تي جرڳا سڏائي چتيون وڌيون وڃن ٿيون. ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ايس ايڇ او به ڌاڙيلن جي چوڻ تي لڳايا وڃن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ امن ڪيئن ممڪن آهي؟ هن الزام هنيو ته نينگر صحبت نائچ ڊيل تحت آزاد ٿيو ۽ پوليس ۽ ڌاڙيلن جو اڌ اڌ شيئر مقرر ٿيل آهي. هن چيو ته جيڪڏھن ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ۾ هٿ وڌا وڃن ته ضلعي ۾ امن ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر موجوده حالتن ۾ ڏوهاري بي خوف بڻيل آهن. هن وڌيڪ چيو ته احتجاج ڪندڙ اڳواڻ ميهر چند تي ايڪسيڊنٽ ڪرائڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي، جڏهن ته احتجاج کان پاسو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته ڌاڙيلن، سندن سهولتڪارن ۽ سندن ساٿارين جي خلاف بنا فرق آپريشن ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.