سنڌ ۾ امن لاءِ 14 آگسٽ تي ڪشمور کان ڪراچي تائين لانگ مارچ جو اعلان

سکر (رپورٽر)جي يو آءِ پاران سنڌ ۾ امن لاءِ 14 آگسٽ تي ڪشمور کان ڪراچي تائين لانگ مارچ جو اعلان،آر ٽي گريس ھوٽل سکر ۾ جمعيت علماء اسلام، صوبي سنڌ جي تنظيم ۾ "سنڌ گرينڊ امن جرڳو” سُکر ۾ منعقد ٿيو، جنھن جي صدارت جي يو آءِ سنڌ جي صوبي اَمير مولانا عبدالقيوم ھاليجويءَ ڪئي. جرڳيءَ ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان قبائلي عمائدين، سردارن ۽ معززماڻھن  شرڪت ڪئي. جرڳي جي پڄاڻي تي جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو سنڌ، حڪومت، رياستي ادارن ۽ قانون نافذ ڪندڙن کان مطالبو ڪيو ته هوءَ سنڌ جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي فوري قدم کڻن، نه ته عوامي ردعمل سخت ٿي سگهي ٿو،هن چيو ته حڪمرانن جي ڪنن تي ئي ڪُجهه نٿو چري هاڻ سنڌ جي اھڙي حالت آھي جو بزرگ، مزدور ۽ معصوم ٻارڙن جو اغوا ”معمول“ بڻجي چڪو آھي. شڪارپور ۾ ٻه سالن جو معصوم ٻار اغوا ڪيو ويو ۽ ڪجهه ڏينھن بعد آزادي ملي، ڳڙھي ياسين ۾ ٻه معصوم ٻار اڃا تائين اغوا ٿيل آھن، جيڪي عيد کان اڳ اغوا ويا ھيا،اڄ ڪشمور ۾ چار سالن جي  معصوم ٻچيءَ سان اغوا بعد جنسي زيادتي ٿي. علامه راشد محمود سومرو چيو ته قبيلائي جهيڙا روڪڻ ۽ سنڌ ۾ امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ رينجرز کي ھڪ سال دوران 200 ارب رپين جو بجيٽ ڏئي وئي، پر اِيتري وڏي رقم ۽ ٻن سالن جي گڏيل آپريشن باوجود  ڪچي جي علائقن ۾ امن قائم ناھي ٿي سگهيو. سرڪاري انگن اکرن مطابق 2010 کان 2012 جي وچ ۾ 772 ماڻھو قتل ٿيا، جڏھن ته سُکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ گذريل پنجن سالن ۾ 3,000 کان وڌيڪ قتل ٿيل آھن. ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز ۽ رينجرز جا اهلڪار به نشانو بڻيا آهن. “ڪرائيم رڪوري“ سنڌ ۾ نه هئڻ برابر آھي، جنهن ڪري ڏوهن ۾ نمايان واڌ ٿي رهي آهي. جرڳي ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته ھر ضلعي، تعلقي ۽ ٿاڻي سطح تي ڪرائيم رڪوري ڪميٽيون قائم ڪيون وڃن. هن  چيو ته اغوا هاڻ ‘انڊسٽري’ جي صورت اختيار ڪري چڪي آھي،شڪارپور، جيڪب آباد، سُکر، لاڙڪاڻو، قمبر–شھدادڪوٽ ۽ گھوٽڪي جي 50–60 ڪلوميٽرن ۾ رياستي اختيار ختم ٿي چڪو آھي. پوليس، رينجرز ۽ سرڪاري ادارا مڪمل ناڪام ثابت ٿيا آهن،هن چيو  ته پوليس ۾ ميرٽ بعد بجاءِ سفارشي طريقن تي مقرريون ٿي رهيون آھن، جنهن ڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي. سٺي شهرت وارن آفيسرن کي يا گهر ويهاريو ويو آهي يا صوبي بدر ڪيو ويو آهي، قبائلي سردارن متفقه طور اعلان ڪيو تہ ھو ڪنهن به ڌاڙيل يا مجرم کان لاتعلقي اختيار ڪندا، ۽ جيڪڏھن ڪو چور يا ڌاڙيل  ماريو وڃي ته جرڳو ۾ معاوضي جو ڪوبه معاملو ناھي،هن چيو ته امن جرڳي ۾ شرڪت لاءِ 130 سردارن کي دعوت ڏني،رڳو 24 آيا،30 جولاءِ تي وري جرڳو ڪوٺائي رهيل سردارن کي ٻيهر دعوت ڏينداسين،رهيل سردارٻيهر به نه آيا ته اهو تاثر مضبوط ٿيندو ته اهي امن نٿا چاهين،هن چيو ته امن جرڳو مطالبو ڪيو ته ڪچي جي علائقن ۾ صفائي آپريشن ڪيو وڃي، C Section ٿاڻن  کي بحال ڪيو وڃي، ۽ بارڊر نگراني سخت ڪئي وڃي. رياستي ادارن کان ان بابت به وضاحت گهربل آھي ته جديد ھٿيار ڌاڙيل ڪهڙي طريقي سان حاصل ڪري  رھيا آھن؟ آخر ۾ راشد محمود سومرو صدرِ پاڪستان، وزيراعظم، وزيراعليٰ سنڌ، گورنر سنڌ، چيف آف آرمي اسٽاف، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرزکي درخواست ڪئي ته  فوری ملاقات جو وقت ڏنو وڃي جيئن زميني حقيقتن کي انهن جي مٿان رکڻ ۽ موثر حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ جو موقعو ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.