اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان، هيگ ۾ قائم مستقل ٽياڪڙي عدالت جي سنڌ طاس معاهدي بابت فيصلي جو آجيان ڪندي ڀارت کان ان تي فوري ۽ ايمانداري سان عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان مطابق، پاڪستان ٽياڪڙي عدالت جي تازي ضمني فيصلي کي ڀليڪار چيو آهي، جنهن ۾ عدالت پنهنجو دائرو اختيار قائم رکيو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته عدالت ڀارت جي يڪ طرفو قدم کي رد ڪندي منصفاڻي ۽ اثرائتي ڪارروائي جاري رکڻ جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته هي فيصلو پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪري ٿو ۽ واضع ٿو ڪري ته سنڌ طاس معاهدو اڃا به مؤثر ۽ فعال آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڀارت کي هن معاهدي تي يڪطرفه طور عملدرآمد جو ڪو به اختيار حاصل ناهي، جڏهن ته پاڪستان جو ڪشن گنگا ۽ رتلي منصوبن بابت موقف مضبوط آهي، جنهن کي عدالت قبول ڪيو آهي۔