واٽس ايپ ۾ دستاويز شيئر ڪرڻ وارو عمل هاڻ وڌيڪ آسان بڻائڻ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن جي ذريعي واهپيدار ايپ جي اندر رهندي ئي سڌو ريت دستاويز اسڪين ڪري سگهندا ۽ کين ڪنهن ٽئين ٿرڊ پارٽي ايپ جي ضرورت نه پوندي.
اهڙو فيچر آءِ فون واهپيدارن لاءِ اڳ ۾ ئي موجود هو، پرهاڻ اِهو اينڊرائيڊ صارفين لاءِ به متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، هي نئون فيچر واٽس ايپ جي بيٽا ورزن ۾ ڪجهه اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ دستياب آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هي فيچر دستاويز شيئر ڪرڻ واري مينيو جو حصو ۽ ”اسڪين ڊاڪيومينٽ“ جي نالي سان موجود هوندو.
هن فيچر جي ذريعي، واهپيدار پنهنجن ڊيوائس جي ڪئميرا ذريعي ڪنهن به دستاويز کي اسڪين ڪري سگهندا، ان کانپوءِ کين ڪنهن به اسڪيننگ ٽول يا ايپ جي ضرورت نه پوندي.
اسڪين ڊاڪيومينٽ آپشن چونڊڻ سان ڪئميرا کلي ويندي ۽ دستاويز اسڪين ڪري سگهبا، اسڪين کانپوءِ واهپيدار ان جو پريويو به ڏسي سگهندا ۽ ان موجب مناسب تبديليون به ڪري سگهندا.
ايپ طرفان پاڻمرادو مارجن جي تجويز ڪندي پر واهپيدار ان کي پنهنجي مرضي موجب به ترتيب ڏئي سگهن ٿا.
جڏهن صارف اسڪين مان مطمئن ٿيندو ته پوءِ هو انفرادي يا گروپ چيٽ ۾ ان کي موڪلي سگهندو.
رپورٽ موجب، واٽس ايپ ان فيچر ۾ اسڪيننگ جو معيار تمام بهتر رکيو آهي ۽واهپيدارن کي دستاويز پڙهڻ ۾ ڪنهن به قسم جي پريشانيءَ جو منهن نه ڏسڻو پوندو.
جئين مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته فيچر في الحال بيٽا ورزن ۾ دستياب آهي، پر تمام جلد هڙني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
You might also like