ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي شهر جي ننڍين گهٽين جي ذميواري ڪي ايم سي جي ناهي.
پنهنجي بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ 25 ٽائون آهن ۽ هڪ ڪي ايم سي آهي، مک روڊ ۽ وڏيون گهٽيون ڪي ايم سي جي ذميواري آهي، ننڍيون گهٽيون ڪي ايم سي جي ذميواري ناهي، ٽائون جي روڊن جي ذميواري ٽائون ڪميٽين جي هوندي آهي.
هن چيو ته مان ننڍين گهٽين جو دورو ڪيو ته هنڌان هنڌان روڊ ٽٽل هئا، سوئي گيس يا پاڻي جي لائن وڇائڻ لاءِ روڊ ٽوڙيو ويندو آهي، اهڙيون ڪيتريون ئي گهٽيون ۽ روڊ آهن، جيڪي ڪي ايم سي جي ذميواري ناهن، تنهن ڪري ڳالهه وڌائڻ جي ڪا ضرورت ناهي.
سندس چوڻ هو ته ٽائون ڪميٽين کي روڊن جي مرمت لاءِ فنڊ ملندا آهن، ٽائون ڪميٽيون منهنجي ماتحت ناهن، تنهن ڪري مسئلا آهن.
You might also like