ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو کاتي عاشوري جي ڏينهن موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس جي معطلي جي سفارش ڪري ڇڏي.
سنڌ حڪومت موبائل فون سروس معطل ڪرڻ جي درخواست وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏي، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ عاشوري جي ڏينهن موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
صوبائي گهرو کاتي طرفان درخواست ۾ جلوسن جي روٽن تي موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس جي معطلي جي سفارش ڪئي وئي آهي.
سنڌ جي گهرو کاتي چيو آهي ته وفاقي حڪومت قاعدن تحت فيصلو ڪري سنڌ حڪومت کي آگاهه ڪري.
You might also like