فاف ڊوپليسي، بابر اعظم جو اهم رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ڊيلاس (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بيٽر فاف ڊوپليسي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي تجربيڪار بيٽر بابر اعظم جو اهم رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
آمريڪي جي ميجر ليگ ( ايم ايل سي ) جي 21 هين ميچ ۾ ٽيڪساس سپر ڪنگز ۽ ايم آءِ نيويارڪ وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، ڏکڻ آفريڪي بيٽر فاف ڊوپليسي ٽيڪساس سپر ڪنگز طرفان شاندار اننگز کيڏندي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ڪيئي رڪارڊ جوڙي ڇڏيا.
ڊوپليسي اهم ميچ ۾ رڳو 53 بالن تي 103 رنسون جي ڌماڪيدار اننگز کيڏي جنهن ۾ پنج چوڪا ۽ نوَ ڇڪا شامل هئا.
هن ٽورنامينٽ جي هلندڙ سيزن ۾ ٻي سينچري اسڪور ڪئي، ان کان اڳ هن سان فرانسسڪو يوني ڪارنز خلاف به سينچري ٺاهي هئي.
ان اننگز سان گڏ ئي ڊوپليسي چاليهه ورهين جي عمر ۾ ٽي ٽوئنٽي جي تاريخ ۾ ٻه سينچريون ٺاهيندڙ پهريون بيٽر بڻيو، جڏهن ته مختصر فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ ڪپتان پڻ بڻجي ويو جنهن هنيئر تائين مجموعي طور تي اٺ سينچريون اسڪور ڪيون آهن.
ان فهرست ۾ پاڪستان جو بابر اعظم ٻئي نمبر تي آهي جنهن ڪپتان طور ست سينچريون ٺاهيون، بابر اعظم قومي ٽيم، ڪراچي ڪنگز ۽ پشاور زلمي جي ڪپتاني ڪري چڪو آهي ۽ هينئر تائين 144 ميچن ۾ ڪپتان جي حيثيت سان 5200 کان وڌيڪ رنسون ٺاهي چڪوآهي.
ان فهرست ۾ ٽيون نالو اڳوڻي آسٽريلوي بيٽر مائيڪل ڪلنگر جو به آهي جنهن ڪپتان طور ست سينچريون ٺاهيون، جڏهن ته ويرات ڪوهلي چئن سينچرين سان چوٿين نمبر تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.