لاھور(عمران شفقت)پاڪ پتن جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ 20 ٻارن جون فوتگيون ٿيون آهن. 19 جون تي شروع واري ڏينھن 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا.جڏھن ان تي احتجاج ٿيو تھ خبر سامھون آئي تھ فوت ٿيندڙ ٻارن جو انگ 20 آھي.جن مان 15 تازا ڄاول ٻار ھئا.ان جي جاچ اسپتال جي چيف ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر عثمان ۽ ھيڊ نرس نگھت آرا جي نگراني ۾ ڪرائي وئي.انھن رپورٽ ۾ ميڊيڪل سائيڊ ۽ اسپتال کي ڪليئر ڪري ڇڏيو ۽ دليل ڏنو تھ ٻار ڪمزور ھوندا آھن ، آڪسيجن وغيرھ سڀ پورو ھئو بس الله جي مرضي.ان بعد ٻي ڪميٽي انڪوائري ڪئي ۽ ان ڪميٽي ايڊمن آفيسرز جون خدمتون سرينڊر ڪري ڇڏيون.انھن ۾ فنانس ۽ بجيٽ آفيسر سعيد،پروڪيورمينٽ آفيسر عبدالباسط،آر اي اينڊ ليگل مظھر ۽ وليد ملڪ جون خدمتون سرينڊر ڪيون ويون.يورپ آمريڪا ۾ قانون آھي تھ ڊاڪٽر جي غفلت ثابت ٿي سگھي ٿي پر پاڪستان ۾ اھڙو ڪو قانون ناھي.جنھن سان ڊاڪٽر جي غفلت ثابت ٿئي يا ان کي سزا اچي.مريم نواز کي ان تي ويچارڻ گھرجي.