لاھور(عمران شفقت) ڪالم نگار ۽ صحافي سھيل وڙائچ ھڪ ڪالم لکيو آھي ۽ انڪشاف ڪيو آھي تھ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل جي ملاقات ۾ عمران خان جوذڪر ٿيو پر اھو ٽرمپ نھ پر فيلڊ مارشل عاصم منير ڪيو ھيو.پر ان ذڪر تي ٽرمپ ھون ھان ئي نھ ڪئي.عاصم منير 9 مئي ۽ عمران خان جوذڪر ڪيو پر ٽرمپ ان تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ عاصم منير جون تعريفون شروع ڪري ڇڏيون.ان بعد جڏھن جنرل عاصم منير ڏٺو تھ عمران واري موضوع ۾ ٽرمپ جي دلچسپي ناھي تھ ھن ٽرمپ جون تعريفون شروع ڪري ڏنيون خاص ڪري انڊيا پاڪستان جنگ جي حوالي سان ڪيل ٽوئٽ بابت.