27هين ترميم جون تياريون،صوبن ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جو پڙاڏو؟

اسلام آباد/لاهور(معظم فخر+مزمل سهروردي)مخصوص سيٽن واري ڪيس تي تمام گھڻي تنقيدٿي رھي آھي ۽ اتي وري ڪجھھ حلقا ان جي تعريف ڪري رھيا آهن.فيصلي کان پوءِ حڪومت کي ٻھ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ملي وئي آھي.حڪومت ان اڪثريت سان نئون آئين بھ جوڙي سگھي ٿي تھ پارليامينٽ جو مدو 5 مان وڌائي 10 سال بھ ڪري سگھي ٿي.ن ليگ، پ پ ۽ پي ٽِي آئي جي منشور ۾ پنجاب اندر نئين صوبي جو قيام شامل آھي.پنجاب اندر سرائيڪي صوبي جي حوالي سان يوسف رضاگيلاني واري وزارت اعظميٰ دوران قومي اسيمبلي مان قرارداد پاس ٿي ۽ پنجاب اسيمبلي مان بھ پاس ٿي ھئي جتي شھبازشريف وڏو وزير ھئو.هڪ خيال اهو آهي ته  ارڙھين ترميم کان پوءِ صوبن کي اختيار مليا آھن تھ ھاڻي گورننس کي بھتر بنائڻ لاءِ وڌيڪ انتظامي يونٽ ٺاھڻ گھرجن.ھر ڊويزن کي صوبو قرار ڏنو وڃي تھ ماڻھن جا مسئلا حل ٿيندا.ھن اڪثريت وسيلي سمنڊ پاراڪستانين جو ووٽ بھ پڪو ڪرائي سگجھيٿو.اوورسيز پاڪستانين جو پاڪستان جي معيشت ۾ وڏو ھٿ آھي. ھي تجويزون تسيتائين لاڳو نھ ٿينديون جيستائين انھن کي اسٽيبلشمنٽ جو آشيرواد نھ ملندو.بلوچستان اندر دھشتگردي وڌي رھي آھي ،انتظامي  يونٽس جي قيام سان قانون لاڳو ڪرڻ  جا موقعا بھ ملي ويندا.ان وسيع ڊائلاگ واري موقعي مان پي ٽي آئي کي فائدو کڻڻو پوندو. تازو جيڪو وزيراعظم ايوان ۾ وڃي پي ٽي آئي اڳواڻن سان ملي رھيوآھي تھ اھو رڳو تصويرن ڪڍرائڻ لاءِ ناھي پر پردي پٺيان گھڻو ڪجھھ ٿي رھيوآھي.27ھين ترميم بھ اچڻي ئي اچڻي آھي.27ھين آئيني ترميم ۾ ووٽر جي عمر جي حد 21، 23 يا 25 سال ڪرڻ تي بھ ويچار ٿي رھيوآھي.اگر ائين ٿيو تھ پي ٽِي آئي ايندڙ چونڊن ۾ وڏي تعداد ۾ ووٽن کان محروم ٿي ويندي. جڏهن ته ملڪ ۾ آئيني عدالت قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، سومر 30 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.