امپائرن تي تنقيد ڊيرن سيمي کي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، ڏنڊ لاڳو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ ڊيرن سيمي کي امپائرن تي تنقيد ڳچي ۾ پئجي وئي ۽ آءِ سي سي مٿس ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
ڊيرن سيمي کي آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي جو ذميوار قرار ڏيندي ميچ فيس جو 15 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ کيس هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ به ڏني وئي آهي.
آءِ سي سي موجب ڊيرن سيمي آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ليول ون جي ڀڃڪڙي ڪئي، هن پليئرز اينڊ اسپورٽس اسٽاف جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي آرٽيڪل 2.7 جي ڀڃڪڙي ڪئي.
ڊيرن سيمي پريس ڪانفرنس ۾ امپائر جي فيصلن تي تنقيد ڪئي هئي ۽ هن پنهنجي غلطي تسليم ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.