ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾وڌيڪ سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 1600 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 49 هزار 400 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 1371 رپيا لاٿ بعد 2 لک 99 هزار 554 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 16 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 هزار 274 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به سون جي قيمت پنج هزار رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
Prev Post
You might also like