ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چوماسي جو سگهارو سسٽم سڄي سنڌ سميت ڪراچيءَ ۾ اثرانداز ٿي رهيو آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيز وسڪاري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
شارع فيصل، ڪار ساز، نرسري، ميٽروپول، صدر ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي تيز مِينهن وُٺو، صبح يارهين وڳي کانپوءِ نارٿ ناظم آباد، ناظم آباد، گل بهار، گرو مندر ۽ گارڊن سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو.
برسات دوران شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند هئڻ جا اطلاع مليا، ان کانسواءِ ڪيئي علائقن ۾ روڊن جي خراب صورتحال سبب شهري ٻٽي عذاب جو شڪار بڻجي ويا آهن.
ڪيتريون ئي گهٽيون ۽ روڊ برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن،
شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته چوماسي جي سيزن دوران رستن تان پاڻي جي نيڪالي ۽ روڊن کي سفر قابل بڻائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.
ٻئي پاسي موسميات موجب، ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات گلشن معمار ۾ 23 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. سعدي ٽائون ۾ 17، سرجاڻي ٽائون ۾ 22، گلشن حديد ۾ 3، يونيورسٽي روڊ تي 11، ناظم آباد ۾ 8.2، پي اي ايف فيصل بيس تي 9، ائيرپورٽ اولڊ ايريا ۾ 3.2، ڪورنگي ۾ 4.4، جناح ٽرمينل تي 6 ۽ ڪياماڙي ۾ 2.5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
اڄ سڄو ڏينهن وقفي وقفي سان برسات جاري رهي، جڏهن ته سڀاڻي به ڪٿي وچولي ڪٿي تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، برسات سبب شهري ٻوڏ جو خدشو پڻ موجود آهي.
موسميات طرفان چوماسي جو هڪ ٻئي سگهاري سسٽم جي ايندڙ مهيني جي شروعات ۾ سنڌ تي اثراندز ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
You might also like