جيولن ٿرور جي عالمي رينڪنگ جاري، ارشد نديم جو ڪائون نمبر؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ايٿليٽڪس فيڊريشن طرفان جيولن ٿرورز جي عالمي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب پاڪستان جي ناليوار ايٿيليٽ ارشد نديم چوٿين پوزيشن ماڻي ورتي.
ارشد نديم 1370 پوائنٽس سان عالمي رينڪنگ ۾ چوٿون نمبر حاصل ڪيو. هن هلندڙ سال پئرس اولمپڪس کانپوءِ رڳو هڪ ايونٽ ۾ حصو ورتو آهي.
واضح رهي ته ارشد نديم تازو ئي ايشين ائٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ڏيهه وطن واپسي تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو هو.
ٻئي پاسي ڀارت جي نيرج چوپڙا 1445 پوائنٽس سان عالمي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته گرينيڊا جو اينڊرسن پيٽر 1431 پوائنٽس سان ٻئي ۽ جرمني جو جولين ويبر 1407 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.