ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي ٽيم جي پرو هاڪي ليگ ۾ شرڪت مالي وسيلن جي دستيابي سان مشروط ٿي وئي.
ذريعن موجب، انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن (ايف آءِ ايڇ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) کي پرو هاڪي ليگ ۾ شرڪت لاءِ دعوت نامو موڪليو آهي، جنهن جو ابتدائي جواب 27 جون تائين ڏيڻ لازمي آهي، پر پي ايڇ ايف مالي مسئلن سبب تڪليف ۾ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي پرو ليگ ۾ شرڪت لاءِ اٽڪل پنجاهه ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم گهربل آهي، جيڪا اڃا تائين دستياب نه ٿي سگهي آهي. جيڪڏهن مالي مسئلا حل نه ٿيا ته پاڪستان ٽيم ليگ ۾ حصو نه وٺي سگهندي.
اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪڏهن پاڪستان فيڊريشن دعوت قبول ڪرڻ باوجود پرو ليگ ۾ شرڪت نه ڪئي ته ايف آءِ ايڇ طرفان وڏو ڏنڊ يا پابندي به لڳي سگهي ٿي.
واضح رهي ته پرو هاڪي ليگ دنيا جي ٽاپ ٽيمون شرڪت ڪنديون آهن، جنهن ۾ شموليت سان نه رڳو تجربي جو موقعو ملي ٿو، پر پاڪستان جي هاڪي رينڪنگ ۾ بهتري جو امڪان پڻ آهي.
ياد رهي ته ماضيءَ ۾ به پاڪستان ٽيم پرو هاڪي ليگ ۾ شرڪت نه ڪري سگهي هئي، جنهن جو اثر پاڪستان جي عالمي رينڪنگ تي پيو ۽ ٽيم 17هين نمبر تي هلي وئي هئي .
You might also like