ڪرڪيٽ ۾ نوان قانون متعارف، پليئنگ ڪنڊيشن ۾ وڏي ڦيرڦار

دُبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڪرڪيٽ لاءِ نوان قانون متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن، جن تحت پليئنگ ڪنڊيشنز ۾ ڪيتريون اهم تبديليون ڪيون ويون آهن.

اسٽاپ ڪلاڪ جو قانون
آءِ سي سي وائيٽ بال ڪرڪيٽ کانپوءِ هاڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ به ”اسٽاپ ڪلاڪ“ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، ٽيسٽ ميچز ۾ سلو اوور ريٽ هڪ وڏو مسئلو رهيو آهي.
نئين قانون موجب، فيلڊنگ ڪندڙ ٽيم کي هر اوور جي پڄاڻي کانپوءِ ِ نئون اوور هڪ منٽ اندر شروع ڪرڻو پوندو.
هڪ منٽ اندر اوور شروع نه ڪرڻ تي امپائر پهرين ٻه ڀيرا وارننگ ڏيندو، جڏهن ته ٽئين ڀيري فيلڊنگ ٽيم تي 5 رنسن جي پينلٽي لاڳو ٿيندي.
هي قانون آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي نئين سائيڪل تي لاڳو ٿي چڪو آهي.

بال تي ٿُڪ جو استعمال
نئين قانونن موجب، جيڪڏهن ڪو رانديگر ڄاڻي واڻي بال تي ٿُڪ هڻندو ته بال تبديل نه ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن بال جي ساخت متاثر ٿيندي ته بيٽنگ ٽيم کي پينلٽي طور پنج رنسون ڏنيون وينديون.

ڄاڻي واڻي شارٽ رن تي پينلٽي
ٽئين تبديلي تحت، جيڪڏهن بيٽر ڄاڻي واڻي شارٽ رنس وٺندو ته بيٽنگ ٽيم مٿان 5 پينلٽي رنسون لاڳو ٿينديون ۽ اسٽرائيڪ جي فيصلي جو اختيار بالنگ ٽيم وٽ هوندو، امپائر بالنگ ٽيم سان صلاح ڪري طئي ڪندو ته شارٽ رن بعد ڪهڙو بيٽر اسٽرائيڪ تي هجي.

فيئرنس آف ڪيچ جو ريويو
آءِ سي سي فيئر ڪئچ جي ريويو سسٽم ۾ به تبديلي ڪئي آهي.
هاڻ جيڪڏهن امپائر کي ڪيچ تي شڪ ٿيندو ته ٿرڊ امپائر نوبال ۽ ڪيچ ٻنهي جو جائزو وٺندو.
واضح رهي ته اڳي رڳو نوبال چيڪ ٿيندو هو، نوبال ٿيڻ جي صورت ۾ ڪيچ جي جائزي کي رد ڪيو ويندو هو.
نئين قانون موجب، نوبال تي صحيح ڪيچ ٿيڻ جي صورت ۾ بيٽنگ ٽيم کي رڳو نوبال جي هڪ رنس ملندي، جڏهن ته جيڪڏهن ڪيچ صحيح نه ٿيندو ته بيٽنگ ٽيم کي اوتريون ئي رنسون ملنديون جيتريون اُن بال تي ٺاهيون ويون هونديون.
نوان ضابطا ڪرڪيٽ کي وڌيڪ منصفاڻو، تيز رفتار، ۽ پروفيشنل بڻائڻ لاءِ لاڳو ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.