نيويارڪ (م ڊ) 23 ورهين جو ظهران ممداني نيويارڪ سٽي جو ميئر بڻجڻ جي ريس ۾ پهريون وڏو معرڪو پار ڪري ورتو آهي، هن ڊيموڪريٽڪ پرائمري ۾ اڳوڻي گورنر اينڊريو ڪومو کي حيرت انگيز شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ هو نيويارڪ جو پهريون مسلم ميئر بڻجڻ لاءِ هڪ مضبوط اميدوار بڻجي چڪو آهي، ظهران ممداني جي هي فتح رڳو اليڪشن ۾ ڪاميابي نه پر هڪ سماجي ۽ تهذيبي اڳڀرائي پڻ آهي، خاص طور تي نيويارڪ ۾ رهندڙ مسلم برادري لاءِ، جيڪا لڳ ڀڳ ڏهه لک ماڻهن تي مشتمل آهي، هن جي ڪاميابي نه رڳو مسلمانن جي سياسي نمائندگي ۾ هڪ تاريخي اضافو آهي، پر ان جو مطلب هي به آهي ته آمريڪي سياست ۾ هاڻ مسلم سڃاڻپ کي وڌيڪ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ظهران ممداني يوگنڊا ۾ ڄائو ۽ ستن سالن جي عمر ۾ نيويارڪ منتقل ٿيو۔ هو نيويارڪ اسٽيٽ اسيمبلي جو ميمبر به رهي چڪو آهي ۽ ”Democratic Socialists of America“ جو سرگرم ميمبر به آهي.