مٺي (ويب ڊيسڪ) مٺي ۾ تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
مٺي باءِ پاس تي ڪنڊي اسٽاپ وٽ پيش آيل حادثي ۾ پورهيت راجو گجراتي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.
علائقي واسين دانهيو ته ٿرڪول ڏانهن ايندڙ ويندڙ تيز رفتار ٽرالرن سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن، نوٽيس ورتو وڃي.
You might also like