ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه نصيرآباد ۾ مفت سرڪاري درسي ڪتابن جي وڪري جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسر ۽ عملي کي معطل ڪري ڇڏيو.
نصيرآباد ۾ درسي ڪتابن جي وڪري جو سيد سردار شاهه نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسر ۽ عملي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي.
صوبائي وزير جي هدايت تي درسي ڪتابن جي مبينا وڪري جي الزام ۾ لاڳاپيل ايجوڪيشن آفيسر ۽ ويئر هائوس جي اسسٽنٽ کي معطل ڪيو ويو آهي.
سيد سردار شاهه چيو ته مفت ڪتاب شاگردن جو حق آهي، وڪري ۾ ملوث آفيسرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
Prev Post
You might also like