ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ زلزلن بابت موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پهرين جون کان هيل تائين 57 گهٽ شدت وارا زلزلا محسوس ڪيا ويا آهن، جڏهن ته في الحال ڪنهن به وڏي زلزلي جو امڪان ناهي.
موسميات کاتي جو نيشنل سيزميڪ مانيٽرنگ سينٽر (اين ايس ايم سي)، اسلام آباد، ڪراچي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ محسوس ٿيندڙ تازن زلزلي جي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي.
پهرين جون 2025ع کان پاڪستان جي موسميات کاتي (پي ايم ڊي) ڪراچيءَ ۾ گهٽ شدت جا 57 لوڏا رڪارڊ ڪيا آهن، زلزلن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 1.5 کان 3.8 رهي، جڏهن ته زلزلي جو ڪارڻ لانڍي فالٽ لائين جو سرگرم هئڻ آهي.
موسميات کاتي موجب، هيءَ غيرمعمولي طور تي اعليٰ انگ (فريڪوئنسي) خطي جي فالٽ سسٽم جي اندر ٽيڪٽونڪ دٻاءُ جي قدرتي اخراج جي عڪاسي ڪري ٿو.
پي ايم ڊي اختيارين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته زلزلي جي سرگرم علائقن ۾ اهڙا لوڏا معمولي ۽ عام هوندا آهن، انهن مان اڪثر زمين اندر (70 ڪلوميٽر تائين) اونهائي ۾ آهن، جنهنڪري مختلف علائقن ۾پڻ اِهي لوڏا محسوس ڪيا.
اهي زلزلا خطي ۾ مقامي فالٽ سسٽم سان لاڳاپيل قدرتي ٽيڪٽونڪ حرڪت جو نتيجو آهن، ڪراچي ڀارتي ۽ يوروشين ٽيڪٽونڪ پليٽن جي ميلاپ جي ويجهو موجود آهي، جتي ننڍي پيماني تي دٻاءَ گڏ ٿيڻ سبب ڪڏهن ڪڏهن اهڙا معمولي زلزلا ايندا رهن ٿا.
اهي ٽيڪٽونڪ طور سرگرم علائقن ۾ عام ارضياتي علامت سمجهيا وڃن ٿا ۽ ڪنهن امڪاني وڏي زلزلي جي نشاندهي نٿا ڪن، مقامي حالتون، جن ۾ نرم مٽي، زمين جي بحالي ۽ بي ترتيب طور زميني پاڻي ڪڍڻ شامل آهن، انهن جو به سطح تي محسوس ٿيندڙ هلچل تي اثر پوي ٿو.
ان مرحلي تي مشاهدي ۾ آيل انگن اکرن ۽ نمونن جي بنياد تي ڪنهن به وڏي زلزلي جي فوري خطري جي نشاندهي ناهي ٿي، ها پر سڀني زلزلي جي سرگرم علائقن جيان، ڪڏهن ڪڏهن هلڪا لوڏا ايندا رهندا آهن.
پي ايم ڊي جي ٽيم لڳاتار زلزلي جي انگن اکرن جو تجزيو ڪري رهي آهي ته جيئن ڪنهن به غيرمعمولي سرگرمي جو حقيقي وقت ۾ پتو لڳائي سگهجي.
پي ايم ڊي جو چوڻ آهي ته عوام کي سختي سان صلاح ڏني وڃي ٿي ته پريشان نه ٿين، هي لوڏا غيرمعمولي ناهن ۽ ڪنهن به خوف جو سبب نه هئڻ گهرجي، اسان جو مشورو آهي ته شهري رڳو سرڪاري چئنلز ذريعي ئي باخبر رهن ۽ غيرتصديق ٿيلي خبرن يا افواهن کي ڦهلائڻ کان پاسو ڪن جيڪي غيرضروري ڏهڪاءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
پي ايم ڊي عوام ميڊيا ۽ مختلف ادارن کان اپيل ڪئي آهي ته غيرتصديق ٿيل خاص طور غيرسائنسي ذريعن وٽان زلزلي جي اڳڪٿي بابت دعوائن کي نظرانداز ڪيو وڃي.