اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتي مهم هلائيندڙ وفد جي اعزاز ۾ سانجهاندي جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ پ پ چيئرمين بلاول به شريڪ ٿيو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي سفارتي وفد کي رات جي ماني لاءِ گهرايو ۽ عالمي سطح تي ڀارتي پروپيگنڊا کي بي نقاب ڪرڻ تي سندن واکاڻ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي، جنهن دوران بلاول ڀٽو وزيراعظم کي آمريڪا ۽ يورپ ۾ سفارتي وفد جي ملاقاتن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم وفد جي ڪامياب سفارتي مهم تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف جي بهترين ترجماني ڪرڻ تي اوهان سڀني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اوهان قومي جذبي سان پاڪستان جو ڪيس وڙهيو ۽ ڪاميابي سان موٽيا. هن چيو ته بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ وفد آمريڪا، برطانيا ۽ يورپ ۾ پاڪستان جو موقف بهتر طريقي سان پيش ڪيو، ۽ بلاول ڀٽو انتهائي مناسب انداز ۾ پاڪستان جي ڳالهه رکي. وفد پهلگام کان وٺي سنڌ طاس معاهدي تائين جا معاملا اجاگر ڪيا. هن چيو ته بجيٽ جي تياري ۾ سڀني اتحادي پارٽين، خاص طور تي پيپلز پارٽي جي تعاون تي شڪريو ادا ڪريان ٿو.