ليڊز (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي ماڻي ورتي.
ليڊز ٽيسٽ جي آخري ڏينهن انگلينڊ ڀارت طرفان مليل 371 رنسن جو هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
انگلينڊ طرفان ٻي اننگز ۾ بين ڊڪيٽ 149 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، زيڪ ڪراولي 65، ڪپتان اسٽوڪس 33 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جو روٽ 53 ۽ جمي سمٿ 44 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.
واضح رهي ته ڀارت پهرين اننگز ۾ 471 ۽ ٻي اننگز ۾ 364 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 465 رنسون ٺاهيون هيون.
You might also like