عمران خان جي 9 مئي بابت ڪيسن ۾ درخواستن تي عدالت وڏو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي 9 مئي بابت 8 ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواستن تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شهباز علي رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو.
عدالت گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جون 9 مئي جي ڪيسن ۾ ضمانت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
واضح رهي ته عمران خان خلاف جناح هائوس ۽ عسڪري ٽاور ۾ ڀڃ ڊاهه جا ڪيس داخل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.